| بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري تيز ڪئي ويندي: اويس لغاري |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري سان يورپي يونين جي وفد ملاقات ڪئي. توانائي واري وزير وفد کي پاور سيڪٽر ۾ جاري جامع سڌارن بابت آگاهه ڪيو ۽ يورپي سيڙپڪارن کي توانائي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته پاور ڊويزن قومي گرڊ جي ڊجيٽلائيزيشن کي اولين ترجيح ڏني آهي، سمارٽ ميٽرن جي وڏي پيماني تي لڳائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ٽرانسميشن لائينن جي توسيع ۽ اپ گريڊيشن به ڊجيٽلائيزيشن جو حصو آهي، بيٽري اسٽوريج ۽ اوزارن جي مقامي تياري تي به ڌيان ڏئي رهيا آهيون، حڪومت بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪري رهي آهي، ڊسڪوز جي نجڪاري ۾ يورپي ڪمپنين لاءِ پرڪشش موقعا موجود آهن، پراڻا، غير موثر آر ايف او تي هلندڙ پاور پلانٽ وڪرو ڪري رهيا آهيون، 7000 ميگاواٽ جا مهانگا پاور پلانٽ بند ڪري 17 ارب ڊالرن جي بچت ڪئي آهي. يورپي يونين جي وفد پاور ڊويزن پاران شروع ڪيل سڌارن کي ساراهيندي چيو ته انهن قدمن سان سيڙپڪاري بهتر ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي يورپي سيڙپڪار هاڻي عملي شموليت ڪرڻ چاهيندا.