بجلي چوري 23 اپريل تائين روڪڻ جي هدايت: ملوث اهلڪارن جي نوڪري ختم ڪرڻ لاءِ ترميم جو اعلان

اپريل 8, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير پاور سردار اويس احمد خان لغاري بجلي چوري روڪڻ لاءِ 23 اپريل تائين جو وقت ڏئي ڇڏيو، ڊسڪوز جي چيئرمين، سِي اِي اوز کي بجلي چوري روڪڻ لاءِ ھدايتون جاري ڪيون ويون

پاور ڊويزن پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وفاقي وزير پاور سردار اويس احمد خان بجلي چوري خلاف سخت ڪارواين جي ھدايت ڪئي آھي، ھن وقت تائين ڪيل بجلي چوري خلاف ڪوششن کي ناڪافي قرار ڏيندي وفاقي وزير چيو آھي ته بجلي چوريءَ جي اصل نقصانن متعلق ڊيٽا انگن اکرن مطابق ناھي

هن چيو ته سمورا آفيسر بجلي چوري جي سمورن ذريعن کان پتو لڳائي رپورٽ ڪن، ايس ايز، ايڪسيئنز، ايس ڊي اوز لاڳاپيل فيلڊ اسٽاف کي پنھنجي علائقن ۾ چوري نه ھجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو، سمورن چيف ايگزيڪيٽوَ آفيسرز، ان سرٽيفڪيٽ جي جاچ پڙتال ڪري وزارت ۾ جمع ڪرائيندا

 وفاقي وزير جو چوڻ آھي ته غلط ڊيٽا ڏيندڙ، تڪراري ثبوت ڏيڻ تي لاڳاپيل اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. بجلي چوري ۾ ملوث اھلڪارن کي سخت سزا ڏيڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي، نوڪريءَ تان برطرف ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ قانون ۾ ترميم ٿيندي

Leave A Comment