اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض جي ٽئين قسط جي ادائگي لاءِ اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويو، معاهدي تحت آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالرز جي ٽئين قسط جاري ڪئي ويندي
معاهدي کانپوءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان ايندڙ مهيني 1.1 ارب ڊالرن جي قسط ملندي، آخري قسط ملندي ئي 3 ارب ڊالرز جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدو مڪمل ٿي ويندو
ان حوالي سان آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نئين چونڊيل حڪومت ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ وڌائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، نئين چونڊيل حڪومت بجلي ۽ گئس جون قيمتون وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي، قيمتون وڌائي گردشي قرض گهٽايو ويندو، نئين چونڊيل حڪومت غريب طبقن کي بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ ۾ تحفظ ڏيندي
پڌرائي موجب حڪومت بجلي ۽ گئس جي بلن جون اوڳاڙيون بهتر بڻائڻ ۽ بجلي چوري خلاف اثرائتا قدم کڻڻ جي خاطري به ڪرائي آهي، آءِ ايم ايف پڌرائي ۾ پاڪستان جي معاشي قدمن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ پاڪستان ۽نگران حڪومت پاران آءِ ايم ايف شرطن تي سختي سان عمل ڪيو ويو، نئين حڪومت به پاليسيون جاري رکندي، هن سال پاڪستان ۾ ترقي معمولي رهڻ جي اميد آهي
آءِ ايم ايف پاران چيو ويو ته پاڪستان نئين قرض پروگرام جي حاصلات ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، پاڪستان سان ميڊيم ٽرم فنڊ سپورٽڊ پروگرام تي ڳالهيون ڪنداسين، ايندڙ مهينن ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون، پاڪستان جي معاشي ۽ مالي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي
آءِ ايم ايف اميد ظاهر ڪئي ته پرائمري بيلنس 401 ارب رپين تائين رهندو، پرائمري بيلنس معيشت جو 0.4سيڪڙو رهندو، مهانگائي حدف مطابق رکي ويندي، غيرملڪي ناڻي ذخيرن ۾ اضافو ڪيو ويندو، نجي شعبي کي ترقي جي منصوبن ۾ شامل ڪيو ويندو، رياستي ملڪيتن ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي ويندي