| بجلي 62 پيسا في يونٽ سستي: قيمت جنوري کان لاڳو ٿيندي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بجلي صارفين لاءِ هاڪاري خبر. نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 62 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته نيپرا نومبر جي ايف سي اي جي مد ۾ به بجلي 93 پيسا في يونٽ سستي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. بجلي جي قيمت ۾ 62 پيسا في يونٽ گهٽتائي منظور ڪئي وئي آهي. نيپرا بجلي سستي ڪرڻ بابت پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلي ڇڏيو. نيپرا مطابق صارفين جي قيمتن جي سالياني نظرثاني پهرين جنوري کان لاڳو ٿيندي. اٿارٽي جنوري 2026 کان ڊسمبر 2026 تائين جي صارفين جي قيمتن تي نظرثاني ڪندي فيصلو جاري ڪيو آهي. نيپرا اٿارٽي پاران مقرر ڪيل ٽيرف وفاقي حڪومت ڏانهن هڪجهڙن قيمتن لاءِ درخواست داخل ڪرڻ جي موڪليو ويو آهي. سال 2026 لاءِ تقريبن بجلي اگهه 33 رپيا 38 پيسا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو مالي سال 26-2025 لاءِ اڳ مقرر ڪيل 34 رپيا في يونٽ جي ڀيٽ ۾ 62 پيسا گهٽ آهي.