بجيٽ بابت ورچوئل ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل: آءِ ايم ايف جو جي ايس ٽي هڪ سيڪڙو وڌائڻ جو شرط: حڪومت پاران مخالفت

بجيٽ بابت ورچوئل ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل: آءِ ايم ايف جو جي ايس ٽي هڪ سيڪڙو وڌائڻ جو شرط: حڪومت پاران مخالفت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ بجيٽ بابت ورچوئل ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون.  آءِ ايم ايف جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) جي شرح 18 سيڪڙو مان وڌائي 19 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. تفصيل موجب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته مالي سال 2026-27 جي  بجيٽ ۾ جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) جي معياري شرح 18 سيڪڙو کان وڌائي 19 سيڪڙو ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ پاڪستاني اختياريون اڃا تائين هن تجويز جي سخت مخالفت ڪري رهيون آهن ۽ سندن موقف اهو آهي ته ان سان مهانگائي ۾اضافو ٿيندو، نئين وفاقي بجيٽ جو مجموعي حجم 15.1 ٽريلين رپين مان وڌائي 15.5 ٽريلين رپيا رکڻ، هلندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 13 هزار 5 ارب رپيا مقرر ڪرڻ، آمدني ۾ کوٽ باوجود آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ 15 هزار ارب رپين کان وڌيڪ روينيو هدف برقرار رکڻ  جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ لڳ ڀڳ 220 ارب رپين جا نوان ٽيڪس قدم شامل ڪري سگهجن ٿا.واپارين لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي، جنهن تحت سالياني 20 ڪروڙ رپين تائين وڪرو ڪندڙ ڪاروبارن تي 25 هزار رپيا مقرر ٽيڪس لاڳو ٿي سگهي ٿو. ان اسڪيم ۾ شامل واپارين کي آڊٽ کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز پڻ موجود آهي.ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ سپر ٽيڪس ۾ هڪ کان ٻه سيڪڙو گهٽتائي، پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس سليبن ۾ تبديليون ۽ ممڪن رليف جون تجويزون پڻ غور هيٺ آهن، پر انهن جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف سان مشاورت ۽ وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط هوندي.