| بجيٽ جي تياري، آءِ ايم ايف وفد اڄ پاڪستان پهچندو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياري ۾ آءِ ايم ايف سان مشاورت وارو معاملو. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو وفد اڄ پاڪستان پهچندو، مشاورت سڀاڻي کان شروع ٿيندي. ذريعن موجب مشن بجيٽ جي تجويزن ۽ سفارشن جي تياري ۾ سهڪار ڪندو. ناڻي وزارت جي ذريعن مطابق نئين بجيٽ آءِ ايم ايف جي مشاورت سان تيار ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف مشن سان ڳالهين جو سلسلو هڪ هفتي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. مشن سان ايندڙ بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. وفد سان نئين بجيٽ لاءِ ٽيڪسن ۽ ٻين معاشي هدفن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ترقياتي خرچن بابت بجيٽ تجويزون به تيار ڪيون وينديون. آءِ ايم ايف سان مالي نظم و ضبط بهتر بڻائڻ لاءِ قدمن تي مشاورت ڪئي ويندي. حڪومتي خرچن ۽ بجيٽ ۾ هم آهنگي لاءِ قدمن بابت تجويزون غور هيٺ اينديون.