بجيٽ غريبن نه اميرن جي آهي، عوامي بقا جي قيمت تي معاشي استحڪام آندو پيو وڃي: معاشي ماهر

لاهور(م ڊ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيمينار ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن اهو نتيجو ڪڍيو ته نئين سال جي بجيٽ منظم طريقي سان گهٽ آمدني وارن خاندانن، مزدورن جي تحفظ ۽ صنفي برابري کي نقصان پهچايو آهي. خطاب ڪندي معاشي ماهر ڊاڪٽر فهد علي چيو ته تعليم، صحت، سماجي تحفظ ۽ غذائيت تي گهٽ خرچ موجوده اڻ برابري کي وڌائيندو. غذائيت جي معيار ۾ گهٽتائي وڌندڙ معاشي پريشاني کي ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته هن وقت گهرن جا ڀاڙا گهٽ ۾ گهٽ اجرت کان وڌي ويا آهن ان ڪري مزدورن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ها ته جيئن زندگي جي مناسب معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. معاشي ماهر ڊاڪٽر هاديه ماجد چيو ته بجيٽ ۾ صنفي وابستگي جون ڳالهيون ٺلهي بيان بازي آهي. تعليم، صحت ۽ تحفظ جي ذميواري چالاڪيءَ سان صوبن ڏانهن منتقل ڪئي وئي هئي. جڏهن ته BISP تحت ادائيگيون بنيادي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هيون. ٽيڪس ڇپٽ مان به عورتن کي فائدو پهچڻ جو امڪان گهٽ هو. بجيٽ عورتن جي معاشي شموليت جون رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. مزدور اڳواڻ روبينا جميل چيو ته  بجيٽ مزدورن جي نمائندن سان بامعني صلاح مشوري کان سواءِ تيار ڪيل آهي ڪانٽريڪٽ مزدورن، گهريلو مزدورن، خطرناڪ شعبن جي مزدورن، ڪپڙن جي مزدورن، زرعي مزدورن ۽ پينشنرن لاءِ ٽارگيٽيڊ قدمن جي کوٽ آهي. اهو تاثر مضبوط ٿيو ته بجيٽ مزدورن جي ڀيٽ ۾ معاشي اشرافيه کي فائدو ڏيندي. معاشي ماهر ڊاڪٽر اقدس افضل چيو ته وڌندڙغربت باوجود، بجيٽ هڪ اهڙي معيشت کي ظاهر ڪري ٿي جنهن ۾ سڌارا نه آيا هئا. هن چيو ته اڻ سڌي ٽيڪس تي مسلسل انحصار، ٽيڪس بنياد جي محدود واڌ ۽ وڌندڙ مشڪلاتن جي وچ ۾ مالي استحڪام گهٽ آمدني وارن گهرن ۽ پگهاردار مزدورن تي غير متناسب دٻاءُ وڌو آهي. شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته حڪومت شهرين جي بقا ۽ سماجي انصاف جي قيمت تي معاشي استحڪام حاصل ڪري رهي آهي.