| بجيٽ ناهي: بدين جي انڊس اسپتال او پي ڊي گھٽائي ڇڏي، روز رڳو 30 مريضن جي چڪاس |
بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ضلع جي سڀ کان وڏي اسپتال ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ڊي ايڇ ڪيو(انڊس اسپتال) جي انتظاميابجيٽ نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي ايندڙ ڪنسلٽنٽ ڪلينڪ ۾ مريضن جو تعداد اڌ تي اڌ گھٽائي ڇڏيوڊاڪٽرن کي صرف 30 مريض ڏسڻ جو نادري حڪم جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سوين مريض روز جي بنياد تي بنا علاج جي واپس وڃڻ لڳا آهن. ان ڏ س۾ انڊس اسپتال جي انتظاميا طرفان پنھنجو نادري حڪم جاري ڪندي ڪنسلٽنٽ ڪلينڪس (ماھر ڊاڪٽرن) جي او پي ڊي ۾ ايندڙ مريضن جي چيڪ اپ جو تعداد 60 مان گھٽائي 30 ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سبب بدين ضلع سميت آس پاس جي ضلعن ٿرپارڪر سجاول ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شھرن سان گڏ ساحلي ٺٽي جي سوين ڳوٺن جا ھزارين ماڻھون دربدر ٿي ويا آهن،انڊس اسپتال جي اندروني ذريعن موجب ھر ماھر ڊاڪٽر اڳ ۾ روز جي بنياد تي 60 جي لڳ ڀڳ مريض ڏسندا ھئا آنھن کي انڊس آنتظاميه پاران سخت ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن ته توھان کي گھٽ کان گهٽ مريض ڏسڻا آھن وڌ کان وڌ 30 مريضن کان مٿي ناھن ڏسڻا، جنھن سبب انڊس انتظاميا جي حڪم تي ڊاڪٽرن طرفان مريضن جي تعداد ۾ وڏي گھٽتائي ڪري ڇڏي آھي. ذريعن موجب انڊس اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن مٿان انڊس انتظاميا طرفان تمام گهڻي سختي ڪئي وئي آھي ته اگر ڪنھن به ڊاڪٽر کين ڏنل لمٽ ڪراس ڪري ھڪ به وڌيڪ مريض جي چڪاس ڪري دوائون لکيون ته ان ڊاڪٽر خلاف ايڪشن کنيو ويندو ۽ کيس نوڪري کان به فارغ ڪري سگھجي ٿو، ٻئي پاسي بدين واسين علي محمد شاھاڻي، امتياز چانڊيو، عبدالرحمان قاضي، رمضان ملاح ۽ ٻين چيو ته انڊس اسپتال بدين واسين لاء ھڪ نعمت آهي جنھن ۾ ڪنسلٽنٽ ڪلينڪ ۾ مختلف بيمارين جا ماھر ڊاڪٽر مريضن جي اپائنٽمنٽ ذريعي چيڪ اپ ڪن ٿا جنھن ۾ گائني، ھڏن، چمڙي، دم سھڪ ،دل جي بيماري، ٻارن جي بيماري، جنرل سرجري يورولاجي، عام بيمارين سميت مختلف بيمارين جا ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪن ٿا جنهن لاء سنڌ حڪومت انڊس سان معاهدي مطابق اربين روپيا بجيٽ مھيا ڪري ٿي پر انڊس ۾ ھن وقت مقرر ظالم انتظاميه ھر ڇھين مھيني بجيٽ جو ڊرامو ڪري مريضن کي دربدر ڪري رھي آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته انڊس اسپتال مان ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ ختم ڪري انڊس اسپتال بدين جي موجوده انتظاميه خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سنڌ حڪومت کان ملندڙ اربين روپين جي آڊٽ لاء ھڪ جانچ ڪاميٽي پڻ مقرر ڪئي وڃي.