بجيٽ ۾ پئٽرول سميت نقد خريداري تي اضافي چارجز وٺڻ جي تجويز

جُون 2, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت جي سالياني بجيٽ ۾ پيٽرول سميت هر قسم جي نقد خريداري جي حوصلا شڪني لاءِ اضافي پئسا وٺڻ جي تجويز آهي.

ايف بي آر ذريعن موجب بجيٽ 2025-26 ۾ فنانس بل جو حصو نقد خريداري جي حوصلا شڪني لاءِ تجويزون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پئٽرول پمپن تان نقد ۾ تيل خريد ڪرڻ تي 3 رپين تائين اضافي وصول ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ان سان پيٽرول پمپن تي ٽيڪس چوري ۽ ملاوٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پيٽرول پمپن تي ڊجيٽل ادائيگي جا قدم پڻ کنيا ويندا، نقد رقم، ڪيو آر ڪوڊ، ڊيبٽ، ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ موبائل ادائيگي جا قدم کنيا ويندا.

ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته هوءَ ٺاهيندڙ ۽ درآمد ڪندڙ ڪيش سيلز تي 2 سيڪڙو اضافي ٽيڪس وصول ڪري سگهندا. هن تجويز کي ممڪن بڻائڻ لاءِ ڪارپوريٽ شعبي سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون ويون آهن. دڪانن تي نقد خريداري تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي، جڏهن ته ريسٽورنٽس کي اڳ ۾ ئي ڪارڊ جي ادائيگين تي ٽيڪس جي ڇوٽ حاصل آهي.

ذريعن موجبجو چوڻ آهن ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس جي شرح  جي لحاظ کان گهڻو رليف نه ڏنو ويندو. پگهاردار طبقي لاءِ رليف معمولي هوندو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر