| بحال رقم مان آمريڪا کان خريداري جا پابند ناهيون: ايران |
تهران (م ڊ) ايران جي مرڪزي بينڪ جي گورنر چيو آهي ته ايران موجوده معاهدي تحت آمريڪا کان زرعي شيون خريد ڪرڻ جو پابند ناهي. جيڪڏهن آمريڪي قيمتون ۽ معيار ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سازگار آهن ته آمريڪا سان واپار ڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي. عبدالناصر همتي اهو به چيو ته ايران جي تازين زرعي خريدارين ۾ معمول مطابق وڏيون آمريڪي ۽ يورپي يونين جون فرمون شامل آهن. جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير ۽ مستقل نمائندي علي بحريني ايران جي منجمد اثاثن جي استعمال جي طريقي بابت آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي بيانن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ واضح ڪيو ته صرف ايران اثاثن جي استعمال جو فيصلو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته انهن اثاثن بابت تهران، واشنگٽن ۽ دوحا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل انتظام ضروري آهن ڇاڪاڻ ته اهي اثاثا آمريڪا منجمد ڪيا هئا ۽ ڪجهه قطر ۾ رکيا ويا آهن. جڏهن ته ايران ڪنهن ٻئي ملڪ کي انهن وسيلن جي استعمال جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ايران جا منجمد اثاثا بنيادي طور تي تيل جي آمدني ۽ مرڪزي بينڪ جا ذخيرا آهن، جيڪي سالن کان پابندين جي ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ جمع ٿي رهيا آهن.