بحريا ٽائون اسڪينڊل: ملڪ رياض سميت 10 جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري

بحريا ٽائون اسڪينڊل: ملڪ رياض سميت 10 جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب جي عدالت بحريا ٽائون کي ساڍا 17 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ واري ريفرنس ۾مفرور جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه  ٻڌڻي دوران اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، آغا مقصود عباس ۽ جاويد حنيف سميت 12 جوابدار پيش ٿيا، جڏهن منظور ڪاڪا سميت 3 جوابدار پيش نه ٿيا, درخواستگذارن جي وڪيل پيشي کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي،ريفرنس ۾ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض،  احمد علي رياض، فيصل سرور قريشي سميت 10 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي مڪمل نه ٿي سگهي، ٻڌڻي دوران نيب جي پراسيڪيوٽر منظور چيو ته ادارن پاران جواب ناهي آيو، حتمي رپورٽ لا۽ مهلت ڏني وڃي، جڏهن ته  سيد قائم علي شاهه جي بريت واري درخواست رد ڪئي وڃي، ياد رهي ته جوابدارن تي بحريا ٽائون کي ساڍا 17 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ  جو الزام آهي.