بحريا ٽائون جي ملير کانسواءِ ڄامشوري ضلعي ۾ به والار، 3 هزار ايڪڙ اضافي زمين تي قابض، رپورٽ تيار

نومبر 23, 2023

اسلام آباد(بيورورپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جوڙيل ڪاميٽي بحريا ٽائون جو ملير کانپوءِ ڄامشوري ضلعي جي زمينن تي قبضي جو به انڪشاف ڪيو آهي، ملڪ رياض جو ادارو 303 ايڪڙ اضافي زمين تي قابض آهي. اطلاعن موجب سپريم ڪورٽ 2019ع ۾ بحريا ٽائون جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ بحريا ٽائون جي قبضي  واري زمين جي معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ 10 رڪني ڪاميٽي جوڙي هئي. ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته بحريا ٽائون سنڌ حڪومت کان 16 هزار 896 ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي جڏهن ته هن وقت بحريا ٽائون لميٽڊ ڪراچي ملير سان گڏ ڄامشوري ضلعي جي به 19 هزار 931 ڏهائي 63 ايڪڙ زمين تي قابض آهي، اهڙي ريت 3 هزار 35 ڏهائي 63 ايڪڙ اضافي زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي. ان مان ملير ضلعي جي 17 هزار 709 ڏهائي 45 ايڪڙ ۽ ڄامشوري ضلعي جي 2 هزار 222 ڏهائي 18 ايڪڙ زمين شامل آهي انهن مان ملير جي 813.45 ايڪڙ ۽ ڄامشوري جي سموري 2222.18 ايڪڙ زمين اضافي آهي جنهن تي بحريا ٽائون قبضو ڪيو آهي.  ڄامشوري ضلعي جي 532-25 ايڪڙ زمين سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽي بحريا گرين جي نالي سان بحريا ٽائون کي ڏني هئي. ڄامشوري جي زمين جي نشاندهي سروي آف پاڪستان نه پر ڄامشوري جي روينيو فيلڊ آفيسر ڪئي آهي. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بحريا ٽائون ملير ۽ ڄامشوري ضلعن جي ديهن مول ۽ ڪاٺوڙ ۾ ٻيلن جي ان زمين تي قبضو ڪيو آهي جيڪا ٻيلن لاءِ مخصوص ڪيل آهي. جڏهن ته جهنگلي جيوت کاتي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بحريا ٽائون کيرٿر جبل جي محفوظ قرار ڏنل حدن ۾ ڪا به حددخلي ناهي ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بحريا ٽائون نجي ماڻهن جي زمين تي قبضو ڪيو آهي يا نه ان باري ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ڇاڪاڻ ته ان جا ڪاغذ بحريا ٽائون کي پيش ڪرڻا آهن. ڪاميٽي ۾ ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جو چيف ڪنزرويٽر، ڊي جي ايم ڊي اي نسيم الغني سهتو، ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي محمد اسحاق کهڙو، ڊي سي ملير محمد سعيد لغاري، ڊي سي ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ، ڊائريڪٽر سروي اينڊ سيٽلمنٽ بورڊ آف روينيو ڊاڪٽر ايم بي عرف راجا ڌاريجو، ڊي جي جهنگلي جيوت سروي آف پاڪستان جو ڊائريٽر اسد علي ڀيلار، لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري ميمبر ۽ چيئرمين ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت شامل هئا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • فيلڊ مارشل ۽ ٽرمپ ملاقات مثبت اڳڀرائي: بلاول

  • سخت جملن جي ڏي وٺ

  • آءِ ايم ايف مطالبا مڃيا آهن: وزيراعظم

  • ڪراچي ۾ نوجوان کي ڪانگو وائرس جي تصديق