بحرين جي سرمائيڪارن کي سيڙپ جي دعوت، نيون راهون کلنديون، هر سهولت ڏينداسين: شهباز

بحرين جي سرمائيڪارن کي سيڙپ جي دعوت، نيون راهون کلنديون، هر سهولت ڏينداسين: شهباز

منامه (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. بحرين جي راڄڌاني منامه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بحرين ۽ پاڪستان برادر ملڪ آهن، ٻنهي جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري گذريل ڪيترن ئي سالن کان قائم آهي. هن چيو ته بحرين جي دوري جو مقصد معاشي شعبن ۾ نيون اڳڀريون آڻڻ آهي، زرعي شعبي، آءِ ٽي، مصنوعي ڏاهپ، فِن ٽيڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار ضروري آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان وٽ نوجوانن جي وڏي طاقت موجود آهي، 15 کان 30 ورهين جي عمر تائين 60 سيڪڙو آبادي موجود آهي،  جيڪا هڪ چئلينج به آهي ۽ وڏي نعمت به، نوجوانن کي آءِ ٽي، اي آءِ، فني تربيت ۽ جديد مهارتن سان ليس ڪيو پيو وڃي ۽ بحرين جي ڪاروباري ادارن سان گڏجي نوان دڳ کولي سگهجن ٿا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ جي سي سي جو فري ٽريڊ معاهدو آخري مرحلن ۾ آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نين بلندين تي رسائيندو.