بخشاپور (رپورٽر) بخشاور ۾ اغوا ۽ ڌاڙيلن جي سهولتڪاري جي الزام هيٺ پڪڙيل پوليس اهلڪار ۽ ٽيڪسي ڊرائيور ۾ ٺاهه، اي ايس آءِ مٿان 30 لک ڏنڊ رکيو ويو
بخشاپور ويجهو گبلو ٿاڻي جي حد ۾ 12 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن جي سهولتڪاري ڪري ٽيڪسي ڊرائيور کي اغوا ڪارن وٽ پهچائڻ وقت ڳوٺاڻن اي ايس آءِ کي پڪڙي ورتو هو
سردار محمد صلاح گولو جي سرپنئچي ۾ مبينا نبيرو ٿيو، ڏوھه ثابت ٿيڻ تي اي ايس آءِ قادر بخش ڏاهاڻي مٿان 30 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ، ڏنڊ جي رقم 3 قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي
ڏوهي اي ايس آءِ ويڊيو بيان ۾ خود ڏوھ جو پڻ اعتراف ڪري ورتو آهي، هن چيو ته بنگوار گينگ سان تعلق رکندڙن ڏوهارين وٽ ٽيڪسي ڊرائيور منير احمد گولو کي سواري بهاني وٺي وڃي رهيو هيس
اغوا ڪارن کي سڃاڻان ٿو، مان 37 سالن کان پوليس ڊپارٽمنٽ ۾ ۽ دراني مهر ٿاڻي تي اي ايس آءِ طور ڊيوٽي ڪئي آهي، مون مٿان خدا جو ڏمر پيو آهي
ذريعن موجب ڏوهارين جي سهولتڪار اي ايس آءِ قادر بخش ڏاهاڻي کي ڳوٺاڻن سوگهو ڪري گبلو پوليس حوالي ڪيو هو، ٽيڪسي ڊرائيور منير احمد گولو کي سواري بهاني اغوا ڪارن وٽ پهچائڻ جو مٿس الزام هو
جڏهن ته ڏنڊ جي رقم ملڻ کانپوءِ ٽيڪسي ڊرائيور واري فريادي ڌر ڪورٽ ۾ ڪيس تان هٿ کڻندي
سردار محمد صلاح گولو چيو آهي ته نبيري جي باري ۾ مونکي ڪابه ڄاڻ ناهي نبيرو مون ڪونه ڪيو آهي سوشل ميڊيا تي نبيري بابت خبر جو ٻڌو آهي ته ٻنهي ڌرين پاڻ ۾ ٺاھ ڪري ورتو آهي