بخشاپور: فصل جي لاباري تان ڌرين ۾ جھيڙو: ڇتي فائرنگ: 4 عورتون زخمي: ڌرڻو: روڊ بلاڪ

بخشاپور: فصل جي لاباري تان ڌرين ۾ جھيڙو: ڇتي فائرنگ: 4 عورتون زخمي: ڌرڻو: روڊ بلاڪ

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ۾ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، ڳوٺ ولايت علي ڊومڪي ۾ فصل جي لاباري تان ڌرين ۾ جھيڙي دوران هٿيارن جا منهن کولي ويا، فائرنگ ۾ ٻنهي ڌرين جون 4 عورتون مسمات نصرت خاتون،مسمات تنولي خاتون،مسمات ڪلثوم ۽ مسمات خانزادي سخت زخمي ٿي پيون، اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي، وارثن پاران زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، رورل هيلٿ سينٽر ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري زخمي عورتن کي ڪشمور جي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف هڪ ڌر جي زخمي عورت مسمات خانزادي ڊومڪي جي وارث زخمي عورت کي ايمبولنس ۾ کڻائي انڌي ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ عورت اسٽرچر تي لاهي انڊس هاءِ وي ڪنڌڪوٽ-ڪشمور روڊ تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون،زخمي عورت جي وارثن دودو ڊومڪي ۽ ٻين چيو ته اڳ ۾ به اسان جو نوجوان قتل ٿي چڪو آهي، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي،  هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊي ايس پي بخشاپور سڪندر سومرو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪيو. پوليس جو چوڻ هو ته جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ آهن،ٻنهي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿيو آهي.