بخشاپور لڳ ڪارنھن الزام ھيٺ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل، لاش سنڌو درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو

آگسٽ 19, 2023

بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪريوال) بخشاپور لڳ ڪارنھن الزام ھيٺ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل، لاش سنڌو درياهه ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف

خبر موجب گبلو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ الله ڏنو بنگوار ۾ جوابدار ڏير عمر بنگوار پنهنجي ڀاڄائي مسمات شريفان کي ڪارنھن الزام ھيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو

جوابدار 35 ورهين جي ڀاچائي مسمات شريفان خاتون  کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش سنڌو درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو، بخشاپور پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار ڏير عمر بنگوار ساٿين سان گڏجي پنهنجي ڀاڄائي مسمات شريفان خاتون کي قتل ڪري لاش سنڌو درياهه ۾ اڇلايو

جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي، عورت جي لاش جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين عورت جو لاش هٿ اچي نه سگهيو هو

Leave A Comment