بخشاپور: ماءُ پٽ ۽ مهمان سميت قتل 4 ڄڻن جي تدفين: جنازا کڄڻ وقت ڪهرام

  بخشاپور: ماءُ پٽ ۽ مهمان سميت قتل 4 ڄڻن جي تدفين: جنازا کڄڻ وقت ڪهرام

بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪڙيوال) بخشاپور ويجهو ٻه ڏينهن اڳ گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ گلاب بنگوار ۾ ماءُ پٽ ۽ مهمان سميت قتل ٿي ويل 4 ڄڻن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ان حوالي سان قتل ٿيل مهمان رحيم بخش ولد واحد بخش بنگوار جو مڙھ درياءُ پار ڳوٺ عمر بنگوار ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،قتل ٿيل کير پياڪ ٻار علي گل پُٽ سڪندر بنگوار، سندس امڙ مسمات ضميران خاتون،مسمات گنهوري خاتون جا لاش تعلقا اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد ڳوٺ آندا ويا، ٽنهي جا مڙھ ڳوٺ گلاب بنگوار ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا،جڏهن ته گبلو پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ  ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، پوليس موجب جوابدار فرار ٿي ويو آهي، مقتولن جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.