بخشاپور واسي نوجوان ظهيرخالطي ڌاڙيلن وٽ قيد: تشدد واري وڊيو وائرل

سيپٽمبر 19, 2023

بخشاپور(ن پ ا)بخشاپور جي ڳوٺ قمردين واسي مغوي نوجوان ظهير احمد خالطي 17 ڏينهن کان ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهي، پوليس مغوي نوجوان جي بازيابي لاء ڪک ڀنڃي ٻيڻو نه ڪيو، ڏوهارين مغوي نوجوان جي زنجيرن سان جڪڙيل سخت تشدد ڪرڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي

 وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڏوهاري باندي بڻيل نوجوان مٿان لٺين سان تشدد ڪندي نظر اچي رهيا آهن، مغوي نوجوان پنهنجي چاچن ۽ مامن کي چئي رهيو آهي ته ڌاڙيلن مون کي ڪنڌڪوٽ مان اغوا ڪري ڪچي وٺي ويا آهن، ڌاڙيلن مون مٿان ڏينهن رات سخت تشدد ڪندا رهن ٿا، خدارا مون کي بازياب ڪرايو

هن چيو ته  ايس ايس پي ڪشمور جي ڏٽن تي نه لڳو، ايس پي جي آسرن ۽ دلاسن سان ڪجھه ڪون ٿيندو، اڄ به ڀنگ ڀرڻو آهي، سڀاڻي به ڀنگ ڀريندئو، تنهن ڪري اڄ ئي ڀنگ جا پيسا ڏيئي مون کي آزاد ڪرايو نه ته ڌاڙيل مون کي ماري ڇڏيندا

 مغوي نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان غريب مسڪين پورهيت آهيون ظهير خالطي يتيم آهي، پيرسن امڙ پاڪ ڪتاب کي ٻاڏائيندي پنهنجي ٻچڙي جي بازيابي جون واٽون نهاري رهي آهي، اسان وٽ ڀنگ ڀرڻ جيتري سگھه ڪونهي پوليس صرف دلاسا ڏئي رهي آهي

 ڌاڙيلن ويڊيو کان اڳ مغوي جي موبائل تان وارثن کي ڪال ڪري 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هيو، جڏهن ته هڪ هفتو اڳ بخشاپور انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي ۾ ايس ايس پي ڪشمور روحيل کوسو مغوي جي وارثن کي 3 ڏينهن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد به مغوي بازياب ڪونه ٿي سگهيو آهي

Leave A Comment