بخشاپور ويجهو ساوند سندراڻي تڪرار تان نماز پڙهندڙ نوجوان قتل

سيپٽمبر 23, 2023

بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪريوال) بخشاپور ويجهو ساوند سندراڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن جو حملو، نماز پڙهندڙ نوجوان مارجي ويو، سندس معصوم نياڻي گولي لڳڻ سبب زخمي، ڪيس داخل نه ٿيو

 خبر موجب ڳوٺ بشير ساوند ۾ سندراڻي ساوند خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي ۽ راڪيٽ لانچر جا گولا وسايا

 گوليون لڳڻ سبب 27 ورهين جو ميهر علي عرف مٺو پُٽ عنايت ساوند ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته 7 ورهين جي ڌيءُ بختاور گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي

 اطلاع ناوجود گبلو پوليس بروقت واقعي هنڌ نه پهتي، جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ نوجوان جو لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيو، بعد ۾ مقتول نوجوان جون وارث عورتون پاڻمرادو ڊاٽسن ۾ لاش کڻائي گبلو ٿاڻي تي آندو، جتان اسپتال منتقل ڪيو ويو

 مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارث عورتن جو چوڻ هو ته سندراڻي برادري جي ماڻهن اسان سان ظلم ڪيو آهي، ميهر علي نماز پڙهي رهيو هو ته جوابدارن مٿس حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو ٿڏي تي قتل ٿي ويو ۽ سندس نياڻي پير ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي

 هنن چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب اسان جا ڪونڌر ڪسجي رهيا آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي

Leave A Comment