بخشاپور ويجهو 2 پورهيت ڪنڌڪوٽ ويندي گم: اغوا جو شڪ

جُون 5, 2023

بخشاپور ( ن پ و) ڪنڌڪوٽ واسي 2 پورهيت شهر ويندي رستي مان گم ٿي ويا، ڏس پتو نه پوڻ تي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو

شهر جي گلشير پاڙي جا رهواسي  موتي لال ۽ نند لال مينگهواڙ ڪنڌڪوٽ وڃي رهيا هئا ته  رستي مان گم ٿي ويا

پورهيتن جي مائٽن جو چوڻ آهي ته اسان موتي لال جي فون تي مسلسل ڪال ڪري رهيا آهيون پر هن جو نمبر بند پيو ملي

هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نند لال ۽ موتي لال کي اغوا ڪيو ويو آهي، بخشا پور پوليس کي ان حوالي سان اطلاع ڏنو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب