بخشاپور ويجھو بارودي مواد ڦاٽڻ سبب مال چاريندڙ 4 ٻارڙا اجل جو شڪار، 2 سخت زخمي

بخشاپور ويجھو بارودي مواد ڦاٽڻ سبب مال چاريندڙ 4 ٻارڙا اجل جو شڪار، 2 سخت زخمي

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عمران علي کوسو/مڪيش ڪريوال) بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد زورڳڙھ واري علائقي لال واھ لڳ ڳوٺ ڏاتو گولو ۾ بارودي مواد ڦاٽڻ سبب چوپايو مال چاريندڙ چار ٻارڙا  مارجي ويا جڏهن ته ٻه ٻارڙا زخمي ٿي پيا. واقعي بعد سموري علائقي ۾ خوف وارو ماحول ڇانئجي ويو، اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز واقعي واري هنڌ پهچي سموري علائقي کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو، بخشاپور پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ننڍي منشي مولا بخش ڊومڪي ٻڌايو ته گولا برادري سان تعلق رکندڙ ٻارڙا روزانو وانگر چوپايو مال چارڻ لائ نڪتا ته زمين تي رکيل بارودي مواد هٿ آيو، جنهن سان هو راند کيڏڻ لڳا جيڪو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن سبب 16 ورهين جو دين محمد پُٽ الله بخش گولو، 12 ورهين جو قصاوت علي پُٽ مولا بخش گولو، 14 ورهين جو برڪت علي پٽ عبدالغفور گولو،  10 ورهين جو ڪالا پُٽ رانجها گولو موقعي تي مارجي ويا، بابو پُٽ ڀورل گولو ۽ طارق پٽ قاسم گولو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي طبي امداد لائ ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو آهي. دستي بم ڌماڪي بعد پوليس علاقي کي گھيري ھيٺ آڻي ڇڏيو ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ ٽيم پھچي علائقي کي ڪليئر قرار ڏنو. ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ محمد مراد گھانگھرو جو چوڻ ھو ته واقعو افسوسناڪ آھي پوليس علاقي ۾ موجود آھي اھڙي واقعي تي جاچ ھلي رھي آھي، جڏھن ته واقعي واري ھنڌ دستي بم ڌماڪي ۾ اجل جو شڪار ٿيل معصوم ٻارڙن جا ڪپڙا ۽ رت جا نشان مليا ۽ بم ڌماڪي سبب روڊ تي پڻ نشان مليا.
 

لڳي ٿو ته ڊرون ذريعي بم  ڪيرايو ويو آھي: ٻارڙن جا وارث

ڪنڌڪوٽ: معصوم ٻارڙن جي وارثن غلام ياسين گولو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسان جي ڪنھن سان ڪا به دشمني aناھي اسين مزدور آھيون. اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي. ھنن جو چوڻ ھو ته معصوم ٻار گھران ڍور ڪاھي زمينن تان مال چارڻ لاءِ زمين تي لٿا ته ڌماڪو ٿيو، ھنن جو چوڻ ھو ته اسان کي لڳي ٿو ته ھي ڊرون ذريعي بم علائقي ۾ ڪريو آھي جيڪو ٻارڙن مٿان ڪري پيو آهي،  جنھن ۾ اسان جا 4 ٻارڙا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، ھن چيو ته اسين پوليس کان انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ ھن معاملي جي صاف شفاف نموني انڪواري جي گھر ڪريون ٿا پوليس معلوم ڪري ته ھي ڊرون ذريعي بم ڪريو آ يا ھتي ڪنھن اڇلايو. ھن معاملي جي صاف شفاف انڪواري ڪرائي وڃي.
 

مارجي ويل ٻارڙن جي تدفين: 4 معصومن جا مڙهه کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ
 

 ڪنڌڪوٽ: آخري اطلاعن تائين اھڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، ھوڏانھن 4 ٻارڙن مان 3 ٻارڙن دين محمد، ڪشاوت، برڪت پٽ عبدالغفور گولو ٽن معصوم ٻارڙن جا مڙهه ڳوٺ ڏاتو گولو ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. ٽنھي معصوم ٻارڙن جي جنازي نماز ۾ علائقي جي وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي، جڏھن ته معصوم ٻارڙن جي جنازھ نماز ۾ ضلعي جي ڪنھن به وڏي آفيسر يا چونڊيل نماندن شرڪت نه ڪئي، جڏھن ته ھڪ معصوم ٻار ڪالا پٽ رانجھان جو جناز نماز ادا نه ٿي سگھي معصوم ٻار جا وارث اچڻ بعد جناز نماز ادا ڪئي ويندي، جڏھن ته 4 ٻارڙن جي پوسٽ مارٽم ڊاڪٽر گھر اچي ڪري ويا.