| بخشاپور ويجھو زمين مالڪي تان جھيڙو، فائرنگ، 12 ڄڻا زخمي |
بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ ميوو بنگوار ۾ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻيلي کاتي جي زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۽ لٺيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا ساجن،جوڳي،لائق،کلو،مشڪي،دوست علي، مسمات نماڻي،مسمات ڀاڳي،مسمات مٺل،مسمات موضي،مسمات سائڻ،مسمات زرينه خاتون سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، گبلو پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي.