بخشاپور ويجھو مبينا طور زمين ۾ پوريل بارودي مواد ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، پيرسن فوت 

 بخشاپور ويجھو مبينا طور زمين ۾ پوريل بارودي مواد ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، پيرسن فوت 

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو بارودي مواد ڦاٽڻ سبب پيرسن فوت، سنڌ-بلوچستان جي سرحدي دنگ سوئي ٿاڻي جي حد لنجو واري علائقي ۾ زمين اندر پوريل بارودي مواد ڦاٽڻ سبب پيرسن ڇلو ولد الهيار جکراڻي فوت ٿي ويو، ذريعن موجب مقامي زميندار بلوچستان جي ڪڇي ڪئنال ويجهو لنجو صلغاري واري علائقي ۾ زمين تان ڪم ڪار ڪري موٽرسائيڪل تي واپس اچي رهيو هو ته رستي ۾ زمين اندر پوريل بارودي جي ڌماڪي ۾ زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ ڪشمور جي اسپتال کڻائي ويا جتي هو فوت ٿي ويو.