بخشاپور ويجھو پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل: الزام هيٺ آيل ڌر پاران واقعي کان لاتعلقي

بخشاپور ويجھو پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل: الزام هيٺ آيل ڌر پاران واقعي کان لاتعلقي

بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور لڳ ڳوٺ محمد حسن ڊومڪي ۾ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو عبدالعزيز ڊومڪي مارجي ويو، جڏهن ته حد جي پوليس اطلاع ملڻ باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتي. نوجوان جو لاش وارث پاڻمرادو ٿاڻي آندو جتان ضروري ڪاغذي ڪارروائي ڪرڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتان نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته بخشاپور پوليس سان رابطو ڪرڻ تي وڏي منشي نياز لغازي ٻڌايو ته ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جنهن سبب هي واقعو پيش آيو آهي. وڌيڪ جاچ جاري آهي فريادين جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏهن ته هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌُر آچر ڊومڪي معصوم ٻارڙن سان گڏجي پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي احتجاج ڪندي چيو ته نوجوان جي قتل بابت اسانکي ڪابه ڄاڻ ناهي اسانجو هن قتل سان ڪوبه تعلق ڪونهي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي