بخشاپور: ڀنگوار گينگ خلاف آپريشن
جُون 25, 2025
بخشاپور ( پنهنجي ڊيسڪ )بخشاپور واري علائقي ۾ بنگوار گينگ خلاف پوليس جو آپريشن، ڏوهارين جي ٿاڪن کي باهيون ڏنيون ويون، بخشاپور واري علائقي ۾ ڀنگوار گينگ خلاف آپريشن ۾ رينجرز، سي آءِ اي، مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، مددگار فائٽرز۽ ريڊ ريسپانس ٽيمن حصو ورتو، ان موقعي تي پوليس جو چوڻ آهي ته سرچ آپريشن دوران ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث جوابدارن جي ٽن ٿاڪن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو آهي، جڏهن ته شڪ جي بنياد تي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو آهي .