بخشاپور ۾ راما پير جي جنم ڏهاڙي جو ميلو: پوڄا پاٺ

بخشاپور ۾ راما پير جي جنم ڏهاڙي جو ميلو: پوڄا پاٺ

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ۾ شري راما پير جو 574ھون جنم ڏھاڙي وارو ميلو جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو، راما پير مندر کي رنگ برنگي بتين سان سينگاري روشن ڪيو ويو، ميلي جي موقعي تي سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف شھرن مان وڏي انگ ۾ عقيدتمندن شرڪت ڪري مندر ۾ حاضري لڳائي پوجا پاٺ ڪيو. ميلي جي موقعي تي مندر جي ٻاھران شري رام پير جي شان ۾ لکيل ڪتابن، رانديڪن ۽ چوڙين جا پڻ اسٽال لڳايا ويا.