بخشاپور ۾ رڪشا هلائيندڙ نينگر اغوا: انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو
مارچ 15, 2025
بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي زورڳڙھه ويجھو ڳوٺ مسو گولو واسي رڪشا ڊرائيور 15 ورهين جي ارشد علي پٽ اڪبر گولو کي هٿياربند اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، مغوي نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته نينگر رڪشو هلائي گهر جو سفر گذر ڪندو آهي، سندس رڪشو شربت واهه وٽان لاوارث حالت ۾ مليو آهي، ٻي طرف مغوي نينگر جي وارثن طرفان انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻجي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي.