بخشاپور ۾ زمين جي تڪرار تان حملو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

مَي 23, 2023

بخشاپور( ن پ ا) بخشاپور ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

چاچڙ گيس فيلڊ وٽ هٿياربندن ڪار مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ جمعو خان بنگوار موقعي تي قتل ٿي ويو هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو جنهن اسپتال نيندي دم ڏئي ڇڏيو

بخشاپور پوليس موجب بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان هٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ جمعي ڀنگوار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ڪيلن جا مڙهه پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو

Leave A Comment