| بخشاپور ۾ مغوي ڳوٺاڻو بازياب نه ٿيو، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو |
بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ويجھو پي پي ايل گيس فيلڊ راڻو اسٽاپ واسي ٽي مهينا اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ڳوٺاڻي غلام مرتضيٰ گولو جي بازيابي لاءِ وارثن قائداعظم گو لو،محمد آصف گولو جي اڳواڻي ۾ گولا برادري جي ماڻهن انڊس هاءِ وي راڻو اسٽاپ وٽ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو،ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته غلام مرتضيٰ اغوا ٿيل آهي، پوليس کيس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.ٻي طرف بخشاپور پوليس چيو ته مرتضيٰ گولو اسان جي حد مان لاپتا ناهي ٿيو. هو سي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان لاپتا ٿيو آهي. ٿي سگهي ٿو ڳوٺاڻو ڪاوڙجي گهران نڪري ويو هجي.