بخشاپور ۾ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل نينگر جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو

جُون 27, 2023

بخشاپور (رپورٽر) بخشاپور ۾ ڊومڪي ذات جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل نينگر جو لاش ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي

گذريل رات قتل ٿيل 10 ورهين جو نينگر نوخاف جکراڻي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد وارثن انڊس هاءِ وي سوڍي ڦاٽڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو

وارثن چيو ته ڌنار نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، واضح رهي ته ڌنار سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا هيا نينگر لاڙڪاڻي نيئندي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو

Leave A Comment