بخشاپور ۾ پراڻي دشمني تان خانگي ڪلينڪ تي فائرنگ، نوجوان قتل، 2عورتون زخمي

بخشاپور ۾ پراڻي دشمني تان خانگي ڪلينڪ تي فائرنگ، نوجوان قتل، 2عورتون زخمي

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور شهر جي مصروف ترين  شاهي بازار ۾ ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم هٿياربندن جي خانگي ڪلينڪ تي فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته علاج جي لاءِ آيل عورت سميت واٽهڙو زخمي ٿي پيا، فائرنگ بعد خوف ۾ دڪان بند ٿي ويا، مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ  عثمان خان ولد حبيب خان طور ڪئي وئي، ذريعن موجب نوجوان عورت جو علاج ڪرائڻ لاءِ آيل هو،  جيڪو اسپتال جي عورتن واري ڪمري جي دروازي تي بيٺل هو ته موٽرسائيڪل تي سوار نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو، عورت مسمات گل ناز خاتون ۽ واٽھڙو عورت نوزت خاتون زخمي ٿي پيون، ذريعن موجب چاڪراڻي بگٽي ۽  نصيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ مبينا مخبري الزام هيٺ خوني تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي. هٿياربند عورت مسمات گل ناز خاتون کي قتل ڪرڻ آيا هئا، مارجي ويل نوجوان سنڌ پنجاب بلوچستان جي سرحدي پٽي ڪڇي ڪئنال لڳ ڳوٺ عينشي بگٽي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. جڏهن ته بخشاپور پوليس ٻڌايو ته اسانکي نوجوان جي فوت ٿيڻ جا ڪي به اطلاع ناهن مليا آهن.