| بخشاپور ۾ پراڻي دشمني تان نوجوان قتل: والد زخمي: وارث لاش ڊاٽسن تي کڻائي ٿاڻي پهتا |
بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪڙيوال) بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد ٻوهاني گبلو لنڪ روڊ تي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان پرويز احمد بنگوار موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته پيرسن والد محمد بخش بنگوار زخمي ٿي پيو، مقتول جو لاش ۽ زخمي پيرسن هڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، پوليس نه پهتي، وارثن ڊاٽسن ذريعي زخمي ۽ مقتول کي ٿاڻي آندو، جتان زخمي پيرسن محمد بخش کي سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول نوجوان جو لاش رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي وارثن ٻڌايو ته اسانجي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي ،پيءُ ۽ پٽ پيٽرول پمپ تان ڊيزل وٺي ٽريڪٽر تي اچي رهيا هيا ته پنهنجي ئي بنگوار برادري جي هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي، ٻنهي ڌرين ۾ چوري معاملي تان 13 سالن کان پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن ۾ عبدالرزاق بنگوار قتل ٿي چڪو هو، پلاند ۾ حملو ڪيو ويو.