بخشاپور ۾ ڌاڙيلن جو پوليس موبائل تي حملو، وڏي منشي سميت 2 اهلڪار شهيد

مَي 22, 2023

بخشاپور (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن پوليس موبائل تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾  بخشا پور ٿاڻي جي وڏي منشي سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا

ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه مهينا اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام ڌاڙيل شريف بنگوار جي پلاند ۾ پوليس موبائل تي هٿياربندن حملو ڪيو جنهن دوران اهلڪارن ۽ هٿياربندن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي

فائرنگ جي ڏي وٺ دوران بخشاپور ٿاڻي جو وڏو منشي مقصود بنگلاڻي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل ادب حسين جکراڻي شهيد  ٿي ويا

هٿياربند پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ کاپوءِ فرار ٿي ويا، شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو

Leave A Comment