| بخشاپور ۾ گداگري کان منع ڪرڻ تان فائرنگ، ماءُ پٽ ۽ مهمان سميت 4 ڄڻا قتل |
بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور پوليس ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ گلاب بنگوار ۾ جوابدار پنهنجي ئي سئوٽ جي گهر اندر گهڙي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي ٻن عورتن، ٿنڃ پياڪ معصوم ٻار ۽ مهمان کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، مقتولن جا لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا، وارث پاران پاڻ مقتولن جا لاش کڻائي ٿاڻي تي آندا ويا، جتان ليٽر ملڻ بعد مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا، ٻي طرف ذريعن موجب جوابدار پير کان معذور ۽ گداگري ڪندو آهي، سندس ذهني توازن به درست ناهي، سئوٽ جي گهر گداگري ڪرڻ جي لاءِ ويو ته گهروارن کيس گداگري کان منع ڪيو، جنهن تان جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي سئوٽ جي گهر اندر پيل ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي مهمان ٿي آيل رحيم بخش پُٽ واحد بخش بنگوار، هڪ سال جي ٿنڃ پياڪ ٻار علي گل بنگوار، سندس امڙ 30 ورهين جي مسمات ضميران خاتون ۽50 ورهين جي مسمات گهنور خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾هيبت پُٽ عبدالغفور بنگوار زخمي ٿي پيو، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته ٻنهي سئوٽ ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿيو، جوابدار الف بنگوار فائرنگ ڪري ٻن عورتن هڪ معصوم ٻار هڪ مرد کي قتل ۽ هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.
| قتل الزام هيٺ آيل جوابدار ذهني مريض هجڻ جو انڪشاف |
بخشاپور: جوابدار پير کان معذور هجڻ ڪري گداگري ڪندو آهي، ذريعن موجب سندس ذهني توازن به درست ناهي، سئوٽ جي گهر گداگري ڪرڻ جي لاءِ ويو ته گهروارن کيس گداگري کان منع ڪيو، جنهن تان جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي سئوٽ جي گهر اندر پيل ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي مهمان ٿي آيل رحيم بخش پُٽ واحد بخش بنگوار، هڪ سال جي ٿڃ پياڪ ٻار علي گل بنگوار، سندس امڙ 30 ورهين جي مسمات ضميران خاتون ۽ 50 ورهين جي مسمات گهنور خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ هيبت پُٽ عبدالغفور بنگوار زخمي ٿي پيو،
معصوم ٻار ۽ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو
بخشاپور: ٻن عورتن ۽ معصوم ٻار سميت قتل ٿي ويل 4 ڄڻن واري واقعي جو پوليس ڪيس داخل نه ڪري سگهي، نه ئي پوليس لاش کڻائڻ جي لاءِ واقعي واري هنڌ پهتي هئي.
لاش ايمبولنس بدران ڊاٽسن ۾ کڻايو ويو !
بخشاپور: چار ڄڻن جي قتل واقعي باوجود لاش کڻائڻ جي لاءِ مقتولن جي وارثن کي ايمبولنس نه ملي سگهي، انتظامي بي حسي سبب وارث مقتول جو لاش ڊاٽسن ۾ کڻائي ويا.