بخشاپور ۾ 4 ٻارڙا فوت واقعي جو ذميوار ڪير؟ بارودي مواد ڪٿان آيو ؟ جاچ نه ٿي

بخشاپور ۾ 4 ٻارڙا فوت واقعي جو ذميوار ڪير؟ بارودي مواد ڪٿان آيو ؟ جاچ نه ٿي

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو ٻه ڏينهن اڳ بارودي مواد ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويل ڳوٺ  ڏاتو گولو واسي ڌنار  ٻارڙن دين محمد گولو،قصاوت علي گولو،برڪت علي گولو،ڪالا گولو۽ زخمي ٿيل بابو گولو،طارق گولو جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، نينگرن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ جڏهن ته وڏي سانحي ٿيڻ  بعد به تڏي تي ڪوبه چونڊيل نمائندو لڙي تڪ ناهي ويو، پوليس واقعي وري ڏينهن کان ڪاغذي ڪارروائي ڪرڻ بعد ٿاڻي تائين محدود بڻيل آهي، پوليس بارودي مواد ڦاٽڻ بابت پتو لڳائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملي پاران واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ويو پر رپورٽ سامهون نه اچي سگهيجڏهن ته ڳوٺ ڏاتو گولو ۽ ڀرپاسي ۾ واري علائقن ۾ خوف ڇانيل آهي، پوليس جو چوڻ  هو ته بارودي مواد هينڊگرنيڊ سان راند ڪندي ڦاٽڻ سبب چار ڌنار ٻارڙا فوت ٿي ويا، وارث اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ ٿاڻي تي نه آيا آهن، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، بم ڊسپوزل جي رپورٽ ملڻ بعد ئي خبر پئي سگهندي ته بم ڪهڙو آهي ۽ انهي ۾ ڪيترو مواد هو، واقعي بعد ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، ٻي طرف مارجي ويل ٻارڙن جي وارثن محمد اسمائيل گولو ٻڌايو اسان سان انتهائي ظلم ٿيو آهي،ٻارڙا مال چاريندي بارودي مواد ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويا، اسانجي ڪنهن سان به ڪا ذاتي دشمني ناهي، پتو لڳايو وڃي ته بارودي مواد ڪٿان آيو، پوليس ڪابه جاچ نه ڪئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ٻارڙن جي موت جي ذميوار جو پتو لڳايو وڃي.