بدامنيءَ خلاف وڪيل سراپااحتجاج، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ
جُون 12, 2025
لاڙڪاڻو ( پنهنجي ڊيسڪ ) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جي جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو
وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي
ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻو، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪار پور ۽ جيڪب آباد سميت ٻين علائقن ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي، قانون نالي ڪابه شيءِ ناهي، فوري طور تي بدامني تي ضابطوآندو وڃي.