بدامني جا ذميوار سردار، نواب ۽ سنڌ سرڪار آهي: راشد محمود سومرو

بدامني جا ذميوار سردار، نواب ۽ سنڌ سرڪار آهي: راشد محمود سومرو

گهوٽڪي(رپورٽر) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته شڪارپور ۾ مهر- جتوئي هلندڙ تڪرار تان قتل ٿي ويل گهوٽ سميت ٽن نوجوانن واري واقعي تي افسوس ٿيو آهي سنڌ ۾ بدامني جا ذميوار سردار، نواب  ۽ سنڌ حڪومت آهي سنڌ حڪومت چاهي ته سنڌ ۾ چپٽي ۾ امن امان ڪرائي ٿي سگهي پر حڪومت ائين نٿي ڪرائڻ چاهي، ڇو جو حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي قبيلائي جهيڙين ۾ الجهائي رهي آهي ته جيئن هو سنڌ جي ٻيٽن وسيلن جي باري ۾ نه سوچي سگهن. مولانا راشد محمود سومرو جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين مان ملندڙ سالياني ملندڙ بجيٽ ڪٿي ٿي خرچ ٿي ڪابه خبر ناهي،هن وڌيڪ چيو ته ڊڄين حڪمران ان ڏينهن کان جڏهن نوجوان اٿيا ته پوءِ بنگلاديش سري لنڪا نيپال جهيڙو انقلاب آڻيندا.