ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ سوڌو سنڌ ۾ بدامني خلاف جماعت اسلامي جو ڪنڌڪوٽ ۾ جلسو ٿي رهيو آهي
جماعت اسلامي جو امير سراج الحق ريلي جي صورت ۾ ڪنڌڪوٽ پهچي ويو، ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻهن جا وارث به جلسي ۾ پهتل آهن
سراج الحق ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي 3 ڀيرا اقتدار ۾ اچڻ باوجود سنڌ ۾ امن قائم نه ڪيو، سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ نگران سرڪار جي وس جي ڳالهه ناهي
سراج الحق چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي غنڊا راڄ کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، سمورن مسئلن جو حل اهو آهي ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن