افغان اڳواڻن جي ڌمڪين وارا بيان افسوسناڪ آهن: نگران وزيراعظم

نومبر 8, 2023

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان اڳواڻن جي ڌمڪين واري بيان کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ ۾ غير قانوني پرڏيھن جو هٿ آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جڏهن به افغانستان تي مصيبت آئي ته پاڪستان سندن مدد ڪئي. پاڪستان 4 لک افغان شهرين جو کليل دل سان استقبال ڪيو، افغانستان ۾ عبوري حڪومت جي قيام کانپوءِ ماڻهن جو وڏو انگ غير قانوني طور پاڪستان اچي ويو، 8 لک افغان شهرين کي عارضي سيٽيزن ڪارڊ فراهم ڪيا ويا
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ وارن ۾ غيرقانوني پرڏيھي شامل آهن، دهشتگرد پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان ڪري چڪا آهن، دهشتگرد افغانستان جي سرزمين استعمال ڪري رهيا آهن، دهشتگردن بابت معلومات افغان حڪومت سان به شيئر ڪئي وئي آهي، پر افغانستان ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. پاڪستان مخالف دهشتگردن جي خلاف جوڳا قدم کنيا وڃن
هن چيو ته بدقسمتي سان افغانستان ۾ عبوري حڪومت جي قيام کانپوءِ دهشتگردي ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، 2 سالن ۾ سرحد پار دهشتگردي سبب 2 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا، پاڪستاني سيڪيورٽي سان وڙهندي 64 افغان دهشتگرد مارجي ويا. اهڙين مسئلن کي ميڊيا آڏو آڻڻ کانسواءِ گڏيل مفاهمت ذريعي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر جڏهن افغان حڪومت طرفان ڪو مثبت جواب نه آيو ته پاڻ ئي مسئلا حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغان اڳواڻن جي تازن بيانن کانپوءِ حملن ۾ تيزي اچڻ معنيٰ خيز آهي
افغان شهرين کي عزت ۽ احترام سان واپس موڪليو وڃي.
پاڪستان تي ڪنهن به ملڪ جو دٻاءُ ناهي، افغان اڳواڻن جا ڌمڪيون ڏيندڙ بيان افسوسناڪ آهن
افغانستان جي عبوري حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ٻئي آزاد ملڪ آهن
پارا چنار ۾ سرحد پار آپريشن بابت سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته هن ان حوالي سان صوبائي حڪومت کي هدايتون جاري ڪيون آهن، ڪنهن کي به هڪ انچ به حصي تي ڪارروائي جي اجازت نه ڏني ويندي

افغان سرزمين ۾ ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائين بابت سوال تي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪندي، اهو سندن حق ۾ آهي ۽ اسان جي به حق ۾ آهي

هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان وٽ 25 هزار افغانين جو ڊيٽا موجود آهي جيڪي افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آيا، اسان انهن ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ به تيار آهيون

Leave A Comment