Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_baj7ehgrg19gtbrudloakht3ud, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
بدلو ... صادق لاشاري - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar بدلو ... صادق لاشاري - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

بدلو … صادق لاشاري

هن جي نظر موبائيل فون جي اسڪرين تي هئي۔ هي فيس بڪ هلائي رهيو هو ۽ خوش ٿي رهيو هو۔هن کي سندس لکيل تحرير تي ڌڙا ڌڙ لائڪ ۽ ڪمينٽس ملي رهيا هيا. هي خوش ٿي رهيو هو۔ چپن تي به هلڪي هلڪي مسڪراهٽ رقص ڪري رهي هيس۔”پنجاه سئو ٻه سئو ٽي سئو ست سئو“ جيترا ڪمينٽس اوترا لائڪ ملي رهيا هيس۔ پهريان جڏهن ڪا تحرير فيس بڪ تي رکندو هيو ته ويهارو کن به لائڪ ڪونه ملندا هيس. ۽ جيڪي لائڪ ڪمينٽس ڪندا به هيس سي به ذاتي دوست مائٽ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارا هيس، هن کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هيو هي سڀني ليکڪن جي لکڻين ته وڏا وڏا ڪمنٽس ڪندو هيو، پر ڪوبه ليکڪ هن جي لکڻين تي ڪمينٽس نه ڪندو هو، هن کي پنهنجي ناقدري تي افسوس ٿيندو هو، ڏاڍو ڏکارو ٿيندو هو، اهي ليکڪ جيڪي ٻين جي تحريرن تي ته وڏا وڏا ڪمنٽس ڪن پيا پر کيس معمولي لائڪ به ڪونه ڪندا هيا۔ هي فيس بڪ هلائيندي هلائيندي مايوس ٿي ويو هو، ٻين کي ته معمولي تحريرن تي به سوين لائڪ ڪمينٽس ملندا هيا پر کيس
پنجاھه به لائيڪ ڪمينٽس به نه ملندا هيا. هن سوچي ڇڏيو هو بلڪه دل ۾ فيصلو به ڪري ڇڏيو هو، هاڻ فيس بڪ نه هلائيندس، پر هڪ ڏينهن دير تائين سوچندي سوچيندي هڪ اٽل فيصلو ڪيائين، ته فيس بڪ به هلائيندس ته تحريرون به پنهنجون ئي رکندس پوءِ هن هڪ نئين آءِ ڊي ٺاهي نالو مٽائي نهال مان نبيله ٿي ويو، ان ڏينهن کان پو۽ سندس هر تحرير ست اٺ سئو کان مٿي لائڪ ڪمنٽس حاصل ڪندي آھي جيڪي ليکڪ کيس لائڪ به نه ڪندا هيا اهي هاڻي سندس هر تحرير تي ”زبردست لاجواب “جا ڪمنٽس ڪنس ٿا ء ان باڪس ۾ ميسيج به ڪن ٿا، هاڻ ھن کي انهن کان بدلو وٺندي مزو به ايندو آ ۔ ته انهن جي چرائپ تي کل به ايندي آ۔

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *