| بدلي جي باهه: ڏيڍ سال ۾ ٻن واٽهڙن سميت 52 ڄڻا مارجي چڪا |
رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) شڪارپور ۽ پني عاقل جي گڏيل علائقن ۾ ھلندڙ جتوئي مھر تڪرار جو خاتمو نه آيو، ڏيڍ سال دوران ٻن واٽھڙن سميت ٻنھي ڌرين جا 52 ماڻھو قتل ٿي ويا آھن، مقتولن ۾ 21 جتوئي 29 مھر ۽ ٻه واٽھڙو به شامل آھن، قبائلي جھيڙن کي ڪير ٿو ھٿي ڏئي ۽ ڪيئن ختم ٿيڻ گھرجن،؟ شڪارپور جي سڄاڻ ڌرين، ھمير چانڊيي حسام ميمڻ، جي ايم حيدري، ڪاشف صديقي، ۽ نھال ڀنڀرو جو چوڻ ھو ته پنھنجو ووٽ بئنڪ گڏ ڪرڻ لاء ڀوتار ذاتين ۾ جھيڙا ڪرائين ٿا، جڏھن ماڻھو آزاد ٿي زندگي گذاري ٿو ته ڀوتارن جي چوڻ ۾ نه ٿو اچي، جنھن بعد ڀوتارن کي شعور وند ماڻھو پاڻ وٽ قيد ڪرڻ لاء قبائلي تڪرار وارو ئي رستو بچي ٿو، جيڪو استعمال ڪري ماڻھن کي ويڙھائي کين پاڻ وٽ محتاج بڻائين ٿا، جڏھن عوام به قبائلي ويڙھ ۾ ڦاسي پوي ٿو ته ھو به ڪنھن نه ڪنھن ڀوتار وٽ پناھ گھرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو،، ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اڄ به ڀوتارن جي رٽ مضبوط آھي، ھو جڏھن به چاھيندا آھن ته امن ٿئي ته امن ٿي ويندو آھي، قبائلي ڀوتار جي ھڪڙي ڪال سبب ڌرين ۾ فائر بندي ٿي وڃڻ مان ظاھر ٿئي پيو ته اتر سنڌ ۾ قبائلي جھيڙن جا ذميوار ڀوتار آھن، ڪافي وقت ٿيو آھي ته جتوئي مھر تڪرار ھلي پيو، جنھن جو خاتمو تڏھن اچي سگھي ٿو، جڏھن ٻنھي ڌرين جي ڀوتارن خلاف قدم کنيو ويندو، نه ته ڪيترن ئي بيگناھ ماڻھن جو اڃا به قتل عام ٿيندو رھندو، ھنن اھيو به چيو ته اتر سنڌ م قبائلي جھيڙن جو وڌڻ جو وڏو سبب سنڌ م ھيومن رائيٽ ڪميشن ڪونھي، جيڪو ھڪ وڏو سوال آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته سکر ۽ شڪارپور ۾ جيڪي لوڪل ادارا ڪم ڪن ٿا، انھن کي آگاھي مھم ھلائڻ گھرجي، جنھن سبب شايد انساني قتل عام ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي، باقي رياست جي جيڪا رٽ آھي، اھا جيڪو سمجھ ۾ اچي ٿو ته چئلينج ٿي رھي آھي،، سڄاڻ ڌرين جو اھيو به چوڻ ھو ته قبائلي جھيڙن کي اسان قبائلي دھشتگردي سڏيون ٿا ۽ حقيقت ۾ به دھشتگردي آھي، ٻن گروپن جي جھيڙي سبب سموري ضلعي جو امن تعليم ۽ صحت تباھ ھجي ٿي، حڪومت سنجيدگي اختيار ڪري ته نقصان نه ٿيندو، پر اسان وٽ بدقسمتي آھي جو حڪومت جي رٽ ڪمزور بڻجي وئي آھي، ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته سمورو معاملو تعليم نه ھجڻ ڪري به خراب ٿيو آھي، ورھاڱي کان اڳ ڪجھ نه ڪجھ تعليم ھئي پر ٿيو ائين ته انگريزن قبيلن کي مضبوط ڪري سنڌ ۾ تعليم بدران بنگلا ڪلچر ڏئي ڇڏيو آھي، جنھن ڪري تعليم تباھ ٿي وئي، جتوئي مھر تڪرار سبب ڏيڍ سال دوران ٻنھي ذاتين سان تعلق رکندڙ شاگرد اسڪولن ۽ ڪاليجن ڏئي اچڻ کان محروم ٿي ويا آھن، کين خوف ٿئي ٿو ته ذات جي بنياد تي قتل نه ڪيو وڃي، ھنن وڌيڪ چيو ته اسان مھر ۽ جتوئي ذاتين جي ڀوتارن کي چونداسين ته جھيڙي جو صلح ڪرائي وڌيڪ زندگيون تباھ ٿيڻ کان بچايو، ھنن سمورن جو اھيو به چوڻ ھو ته جتوئي مھر تڪرار رياست جي رٽ ڪمزور ھجڻ ڪري به ٿئي ٿو، ۽ ڀوتارن جي سياست کي مضبوط ڪرڻ لاء به ڪرايو وڃي ٿو، عالمي ادارن کي گھرجي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قبائلي جھيڙن ۾ ملوث ڀوتارن خلاف ڪارروائي ڪري مستقل طور امن ڪرايو وڃي.