بدنام ڏوهاري مرچو جتوئي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا:پوليس آڏو گرفتاري پيش

آڪٽوبر 5, 2023

شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي ڪچي ۾ بدنام ڏوهاري مرچو جتوئي هٿيار ڦٽا ڪري پوليس آڏو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي

ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مرچو جتوئي خلاف مختلف ٿاڻن تي قتل، ڌاڙن، ڦر ۽ اغوا سوڌو ٻين ڏوهن جا 34 ڪيس داخل ٿيل آهن

هن چيو ته  مرچو جتوئي ڪچي جي علائقي رستم ۾ بدنام آهي، حڪومت پاران مٿس 20 لک روپيا انعام رکيو ويو هو

ٻئي طرف مرچو جتوئي ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته سندس خلاف سنگين ڏوهن جا نه، پر جهيڙن جا ڪيس داخل ٿيل آهن، حڪومت پاران انعام رکڻ بعد سوچيو ته سرينڊر ڪرڻ گهرجي

سندس چوڻ هو ته ايس ايس پي ڀلو اچي ويو، طالب کي الله خوش ڪندو جو اُن جي معرفت پوليس آڏو پيش ٿيو آهيان

Leave A Comment