بدين، ٺٽو ۽ ٽنڊو الهيار سميت 8 ضلعن جي بيواهن ۾ ٻڪريون ورهائڻ جو فيصلو

جُون 7, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران 8 ضلعن ۾ غريب ۽ بيواهه عورتن کي ٻڪريون ۽ ڳائو مال ڏيڻ وارو هڪ ارب 80 ڪروڙ رپين جي ماليت جو پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

لائيو اسٽاڪ کاتي پنهنجون تجويزون سنڌ سرڪار حوالي ڪري ڇڏيون آهن، پهرين مرحلي ۾ پرڳڻي جي بدين، ڄامشورو، ٺٽو ۽ ٽنڊوالهيار سميت 8 ضلعن جي بيواهن ۽ غريب عورتن جي گذر سفر لاءِ کين ٻڪريون ۽ ڳئون ڏنيون وينديون

ڄاڻايل ضلعن ۾ 4 هزار بيواهن ۽ غريب عورتن کي ٻڪريون ۽ ڳئون ڏيڻ واري منصوبي لاءِ  نئين مالي سال 2023_24 ۾ هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي

 ان ڏس ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي اختيارين پاران پيپلز پاورٽي پروٽيڪشن پروگرام سان گڏجي بدين، ڄامشورو، ٺٽو ۽ ٽنڊوالهيار سميت 8 ضلعن جي بيواهن ۽ غريب عورتن جي گذر سفر لاءِ کين ٻڪريون ۽ ڳئون ڏيڻ وارو پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي

 هر ضلعي ۾ 500 بيواهون ۽ غريب عورتون انهي پروگرام ۾ شامل ڪيون وينديون، مستحق بيواهن ۽ غريب عورتن جي چونڊ لاءِ مختلف اين جي اوز کان سروي ڪرائي ويندي

سروي مڪمل ٿيڻ بعد لائيو اسٽاڪ کاتي جون ٽيمون پڻ جائزو وٺنديون، جنهن کانپوءِ عورتن کي ٻڪريون ۽ ڳائو مال ڏنو ويندو

Leave A Comment