بدين اسلاميه ڪاليج جي عمارت زبون، لاڙ ڪيمپس جي شاگردن جو ڌرڻو
جُولاءِ 2, 2025
بدين(پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنس فيڊريشن جي پليٽفارم تان سنڌ يونيورسٽي جي لاڙ ڪيمپس جي سوين شاگردن، شاگردياڻين، سول سوسائٽي ۽ شھرين پاران ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير حسن آزاد، زبير پنھنور، دانش نور، محمد حسن شاھاڻي، عبدالله چانڊيو ۽ ابو نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ لاڙ ڪيمپس يونيورسٽي کان ايوان صحافت بدين تائين سوين ماڻھن جي ريلي ايوان صحافت بدين آڏو ڌرڻو ھنيو ويو.
ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي جي عدم دلچسپي ۽ چونڊيل نمائندن جي نااھلي سبب 19 ورهين کان ھلندڙ لاڙ ڪيمپس کي خودمختيار يونيورسٽي جو درجو ملي ناھي سگھيو جڏھن ته ھڪ سئو ايڪڙ جي لڳ ڀڳ يونيورسٽي کي پنھنجي زمين پيل آھي ۽ انھي کانسواءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران ڏنل اسلاميا ڊگري ڪاليج جي زبون ھال بلڊنگ جي مرمت ناھي ٿي سگھي، جنھن جي ڪري ھزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي.
انھي موقعي تي اڳواڻن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور لاڙ ڪيمپس کي خودمختيار جو درجو ڏنو وڃي ۽ اسلاميه ڊگري ڪاليج جي زبون بلڊنگ جو مرمتي ڪم مڪمل ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ تحريڪ کي تيز ڪندي ھزارين شاگردن جو ڌرڻو ھنيو ويندو.