بدين: ايل بي او ڊي ۾ انڌي ٻلهڻ ڦاٿل: وائلڊ لائيف جي ٽيم پهچي وئي

جُون 26, 2023

بدين(رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين جي ساحلي پٽي جي ايل بي او ڊي سم نالي جي وڪيل موري لڳ نظر ايندڙ ناياب نسل جي انڊس ڊولفن ريسڪيو نه ٿي سگھي سوين ماڻھون ڏسڻ لاءِ پھچي ويا

ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ماهيگيرن پاران انڌي  ٻلهڻ جي نظر اچڻ ۽  نشاندهي کانپوءِ وائلڊ لائيف کاتي جي ڪنزرويٽر واجد علي شيخ پاران اشرف ملاح، عثمان درس، علي رضا کوسو ۽ محمد علي پنھور کي ايل بي او ڊي سم نالي تي موڪليو ويو جن پھچي انڌي ٻلهڻ جي تصديق ڪندي ريسڪيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

ٻئي طرف وائلڊ لائيف جي ٽيم جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ چاڙهه سبب انڌي ٻلهڻ کي واپس سمنڊ ۾ اماڻڻ لاءِ 3 ڏينهن لڳي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته ملاحن جا ڄار لڳن آهن انڪري ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن

هوڏانهن ساحلي پٽي تي ويٺل ماهيگيرن ڇٽو ملاح، آچار ملاح ۽ عمر ملاح  جو چوڻ آهي  ته کين زهريلي سم نالي ايل بي او ڊي ۾ ڪالھه تائين 6 کان وڌيڪ ٻلهڻ نظر آيون ۽ اڄ پڻ 3موجود آهن

ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان موجب ته وائلڊ لائيف کاتي کي فوري ايل بي او ڊي سم نالي مان انڌي ٻلهڻ کي ريسڪيو ڪري سنڌو دريا ۾ ڇڏڻ جو چيو ويو آهي

Leave A Comment