بدين جي نريڙي ڍنڍ تي اديبن ۽ شهرين جون نئين سال لاءِ دعائون

جنوري 2, 2025

بدين ( رپورٽر ) بدين جي سامونڊي علائقن جي وشال نريڙي ڍنڍ ( نريڙي ليگون ) تان لهندڙ 2024 جي سج کي الوداع  ڪيو ويو نئين سال لاءِ دعائون گھريون ويون، نريڙي جي ويران رڻ پٽ تي ميلو مچائيندڙ صحافي عطا محمد چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالرزاق شيخ، جاويد منڌرو جي سڏ تي سنڌ جي مختلف ضلعن کان سوين ماڻهن لھندڙ سج کي الوداع ڪيو ۽ ايندڙ سال لاء دعائون گھريون، نريڙي فيسٽيول ۾ شاعرن اديبن مقررن ۽ فنڪارن جي شرڪت ڪئي، پروگرام جو افتتاح لطيف سرڪار جي وائي فقير عابد انصاري پڙھي خوب داد ماڻيو، مقامي توڙي لاڙ جي مختلف علائقن کان ڪهي آيل شاعرن جنهن ۾ شاعر امر رائيسنگ راجپوت، علي گل گبول،  آصف نگارش ميمڻ،  علي انصاري، رضا آڪاش خاناڻي،  رسول بخش منڌرو، اياز دانش،  ستار جوکيو، يونس منڌرو، جاويد اختر ڀرڳڙي ۽ ٻين نريڙي تي تمام بهترين شاعري ٻڌائي، پروگرام جي آخر ۾ لاڙ جو نوجوان فنڪار  عابد فقير  ۽ ٿر جو ڀلوڙ راڳي فقير جاويد مراد فن جو مظاهرو ڪيو.

Leave A Comment