بدين سيشن ڪورٽ سامهون هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

مَي 18, 2023

شادي لارج ( ن پ ا) بدين.سيشن ڪورٽ سامهون هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

فتح آباد جي رهواسي انور چانڊيو مٿان هٿياربندن ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾  نوجوان سخت زخمي ٿي پيو

انور چانڊيو کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي هن دم ڏئي ڇڏيو

پوليس جو چوڻ آهي ته پراڻي دشمني تان  انور چانڊيو کي  قتل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment