بدين ضلعي اندر انعام نڪتل بانڊن جا نمبر هڻي جعلي بانڊ وڪڻڻ جو انڪشاف
نومبر 21, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) ٽنڊي باگي جي ڏيئي ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ جعلي بانڊن جو ڪاروبار عروج تي، ڪيترائي ماڻهو جعلي بانڊن جي چڪر ۾ جمع پونجي وڃائي ويٺا، ٺڳن پاران انعام نڪرندڙ بانڊن جا نمبر لڳائي ماڻهن کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، رپورٽ مطابق بدين جي ٽنڊي باگي جي ڏيئي ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ جعلي بانڊن جو ڪاروبار عروج تي پهتل آهي. جعلي بانڊ وڪرو ڪندڙ ماڻهو پاڻ کي مسڪين ۽ اٻوجهه قرار ڏئي سرندي وارن کي اڌ رقم ۾ بانڊ وڪرو ڪري ڏين ٿا جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو انهن ٺڳن هٿان لکين رپين جي رقم ڦرائي ويٺا آهن. چيو پيو وڃي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جڏهن بانڊن جي نئين قرءَ اندازي ٿئي ٿي ته ٺڳ سادن بانڊن تي ڪُڻي ۾ نڪتل بانڊن جا نمبر لڳائي ماڻهن کي اڌ رقم ۾ وڪرو ڪن ٿا جنهن جي ڪري لالچ ۾ ايندڙ ڪيترائي ماڻهو انهن ٺڳن هٿان ڦرجي ويا آهن.هڪ ئي وقت نڪتل هڪ بانڊ جا ڪيترائي جعلي بانڊ ٺاهي وڪرو ڪرڻ جي ڪري ڪيترائي سرندي وارا لکين رپين جي رقم کان محروم ٿي ويا آهن. ڄاڻايل علائقي ۾ اها ڳالهه جيتوڻيڪ وڏي پئماني تي ڦهليل آهي پر لاڳاپيل ادارن اڃا تائين ان گروهه کي پنهنجي پڪڙ ۾ نه آندو آهي جنهن جي ڪري اڃا تائين ڪيترائي معصوم شهري رسڪ تي آيل آهن. ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ڏيئي جي علائقي ۾ رهندڙ کوسا برادري، هاليپوٽا برادري ۽ جمالي برادري جا ماڻهو ان عمل ۾ ملوث آهن. اهي ٺڳ اهڙي طرح ماڻهن کي پنهنجي ڳالهين جي ڄار ۾ ڦاسائين ٿا جو بانڊ وٺندڙن کي حقيقت محسوس ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي ڪيش نقد رقم کڻي انهن حوالي ڪري ڇڏين ٿا.
بانڊ وڪڻندڙن ۾ ”د“ کوسو، “ق“ هاليپوٽو ۽ “ح“ سيال شامل
حيدرآباد: ذريعن ٻڌايو آهي ته ڏيئي جي علائقي ۾ جيڪي ماڻهو ٺڳي وسيلي بانڊ ڏين ٿا انهن ۾ مک ٺڳن طور ”م“ کوسو، ”د“ کوسو، ”ق“ هاليپوٽو، ”ح“ سيال ۽ ٻيا شامل آهن. اهي ماڻهو سرندي وارن جا نمبر هٿ ڪري انهن کي مختلف نمبرن تان فون ڪري اهو ٻڌائين ٿا ته سندن بانڊ جو انعام نڪتو آهي پر هو پوليس ۽ ڦرجي وڃڻ جي ڊپ سبب اسٽيٽ بئنڪ مان اهو بانڊ ڪيش نٿا ڪرائي سگهن. اهي ٺڳ پنهنجو مسڪين حال ٻڌائي سرندي وارن کي اڌ رقم ۾ بانڊ وڪرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ۽ جڏهن اهو بانڊ ڪيش ٿيڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ پهچي ٿو تڏهن انڪشاف ٿئي ٿو ته بانڊ جعلي آهي ۽ قرءَ اندازي ۾ نڪتل بانڊ اڳ ئي ڪيش ٿي چڪو آهي.
جعلي بانڊن تي نمبر نوري آباد ۾ لڳڻ جو انڪشاف
حيدرآباد: ذريعن جو چوڻ آهي ته بانڊن تي نمبر نوري آباد ۾ لڳايا وڃن ٿا ۽ ان ڪم ۾ ”س“ پالاري هڪ همراهه ملوث آهي جنهن جي خلاف ٺڳي جا ڪيترائي ڪيس به داخل ٿيل آهن. قرءَ اندازي وارا نمبر لڳل بانڊ ڏيئي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موڪليا وڃن ٿا، نوري آباد مان جيڪي ماڻهو بانڊن تي جعلي نمبر لڳرائين ٿا انهن ۾ ”س“ پالاري جو ڀائيٽو ”ش“ پالاري به شامل آهي. ذريعن موجب انهن ٺڳن کي ڪجهه چونڊيل ميمبرن ۽ ڪجهه آفيسرن جي به سرپرستي حاصل آهي جنهن ڪري اهي گروهه اڃا تائين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پڪڙ ۾ اچي نه سگهيا آهن.
ايڊيشنل آءِ جي جو ناٺي ۽ هڪ وڪيل به ٺڳجي چڪا
حيدرآباد: ذريعن ٻڌايو آهي ته هڪ ايڊيشنل آءِ جي جي ناٺي ”ع“ کي به 7 لک رپين عيوض جعلي بانڊ وڪرو ڪيو ويو. هڪ وڪيل کي 15 لک رپين عيوض 30 لک رپين واري انعام جو جعلي بانڊ ڏنو ويو. ايڊيشنل آءِ جي جي ناٺي کي جعلي بانڊ ڏيڻ وارو ڪيس حيدرآباد جي ڪينٽ ٿاڻي تي به داخل ٿيل آهي. ان ڪيس ۾ ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ وٺي اڌ رقم موٽائي وئي پر ڏيئي شهر سان تعلق رکندڙ اصل ٺڳ پوليس جي اڃا تائين ور چڙهي نه سگهيو آهي جنهن جي ڪري اڃا تائين ايڊيشنل آءِ جي جي ناٺي کي پوري رقم ملي نه سگهي آهي.
ٺڳن جو گروهه مستحق عورتن سان به ٺڳي ڪرڻ لڳو
حيدرآباد: دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٺڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ڏيارڻ عيوض عورتن کان شناختي ڪارڊ وٺي موبائيل جون سمون خريد ڪن ٿا ۽ جيئن ئي سندن ٽارگيٽ مڪمل ٿئي ٿو ته هو سمون موبائيل مان ڪڍي اڇلائي ڇڏين ٿا ۽ ٺڳجي ويل ماڻهو کين رڳو فون ئي ڪندا رهجي وڃن ٿا.
ٺٽي جي استاد پاران 3 لک عيوض بانڊ وڪڻندڙن جي وڊيو به رڪارڊ
حيدرآباد: ٺٽي سان تعلق رکندڙ هڪ استاد ”غ“ کان به ٺڳ 3 لک رپين جي رقم ٺڳي ويا. هن کيس ٺڳيندڙن جي وڊيو به رڪارڊنگ ڪئي هئي پر ان جي باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.