| بدين ضلعي جي آبادگارن پاران نئين سرڪاري ڪڻڪ پاليسي رد، 4 هزار مڻ مقرري جو مطالبو |
بدين (رپورٽ: شفيع محمد جوڻيجو) بدين ضلع ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار ٿي ويو، وڏي پيماني تي لابارا ھلندڙ آھن ۽ ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پھچڻ شروع ٿي وئي، گورنمنٽ سنڌ جي فوڊ کاتي پاران ڪڻڪ جو اگھ مقرر ڪرڻ يان خريداري جي ڪا واضح پاليسي نه ملڻ سبب ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان پوءِ واپارين اگهھ گهٽائي ڇڏيو في مڻ 2800سئو کان 3000 هزار مقرر ڪري ڪڻڪ جي خريداري ڪري ذخيرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو جنھن سب ھتي جي آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا، ٻئي طرف سرڪاري فوڊ کاتي بدين طرفان ضلع جي پنجن ئي تعلقن ۾ اعلانيل پنج خريداري سينٽر اڃا تائين ضلع اندر ڪٿي به کلي نه سگهيا آهن جنهن ڪري ھتان جا ننڍا وڏا آبادگار پنھنجي ڪڻڪ ڪارخانيدارن ۽ واپارين کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، آبادگارن حاجي محمد رحيم اڍيجو غلام حسين جوڻيجو، وڏيرو ذوالفقار علي،عزيز ڏيرو، مير حسن پنهور، عبدالغفور چانڊيو، اوڀايو پنهور ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۾ ويٺل نااھل ماڻھن سڄي سنڌ سميت بدين جي آبادگارن سان وڏو ظلم ڪيو آھي تيار ٿيل فصل جا اگھ وقت تي مقرر نه ڪرڻ سندن نااھلي آھي، آبادگارن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي تہ فوري طور تي ڪڻڪ جو اگھ في مڻ 4000رويپا مقرر ڪري فوڊ کاتي طرفان ملندڙ باڙدانو ڏنو وڃي ۽ آبادگارن کي پريشاني کا بچايو وڃي. ٻئي طرف سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچرل ضلع بدين جي صدر رئيس شاھنواز جمالي ۽ جنرل سيڪريٽري وفا جوکيو پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي پاليسي ۽ فوڊ کاتي جي نئين پاليسي آبادگارن لاء نقصانڪار آھي،ھنن چيو ته نئين پاليسي موجب فوڊ کاتو صرف ھاري ڪارڊ رکندڙ 12 ايڪڙ رکندڙ ھاري کان ساڍا ٻارھن مڻ خريد ڪري سگھندو ته پوء انھي کان وڌيڪ زمين رکندڙ آبادگار ڪھڙو ڏوھ ڪيو، ھنن چيو ته جيڪي آبادگار مقاطي تي زمينون آباد ڪن ٿا آھي ڪھڙي کاتي ۾ ويندا ڇا آنھن جو حق ناھي ۽ فوتي کاتي وارا ڪيڏانھن وڃن، ھنن چيو ته حڪومت سنڌ جي نئين آندل پاليسي آبادگار دشمني تي ٺھيل آھي اھڙين پاليسين سان سنڌ جي ذراعت کي وڏو نقصان ٿيندو، ھنن سنڌ حڪومت ۽ فوڊ کاتي جي اعلئ عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور ڪڻڪ جو اگھ 4000 ھزار روپيا مقرر ڪري آبادگارن کي بنا شرطن جي بارداڻو ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر ضلع بدين پاران فوڊ کاتي خلاف سخت ححتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي،