| بدين ضلعي ۾ اسڪولن لاءِ آيل فنڊ خرچ نه ٿي سگهيا، ڪروڙين رپيا واپس ٿيڻ جو خدشو |
بدين (رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان بدين جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي مرمت لاءِ ايس ايس بي فنڊ جي نالي سان ايندڙ ڪروڙين روپيا خرچ ٿيڻ بدران واپس ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو، ايندڙ بجيٽ وينڊرن ذريعي ڪڍرائي خرچ ڪرڻ جي ڪري استاد ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا، استادن رقم وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب تہ ايندڙ بجيٽ جو اڌ حصو به مرمت تي مشڪل خرچ ٿيندو جنهن ڪري استاد ڊپ مان بجيٽ کڻڻ کان لنوائڻ لڳا آهن ذريعن موجب ته بدين جي سوين پرائمري اسڪولن ۽ هائير سيڪينڊري ۽ مڊل اسڪولن جي مرمت لاءِ جاري رقم اڃان تائين ڪٿي به خرچ ٿي نه سگهي آهي رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او پرائمري الطاف حسين ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران ضلع جي اسڪولن جي مرمت لاءِ ڪروڙين روپيا بجيٽ جاري ڪئي آهي انهي لاء ته اها رقم اسڪولن تي خرچ ٿيڻ گهرجي انهي حوالي سان استادن کي پابند ڪيو ويندو ته جيئن هو پنهنجي علائقي جي اسڪولن جي مرمت لاءِ ايندڙ رقم خرچ ڪن، گسٽا ضلع بدين جي اڳواڻ قادر ڪاشف ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته استادن کي خدشو آهي ته اها رقم وينڊر ذريعي ڏني ويندي جنهن ڪري ڪرپشن ٿيڻ جا امڪان آهن انهي ڊپ مان استاد اها رقم کڻڻ لاءِ تيار ناهن پر استادن کي اها رقم فوري ڪڍرائي پنهنجن اسڪولن تي خرچ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪوشش آهي ته اها رقم صاف شفاف طريقي سان اسڪولن جي مرمت لاءِ خرچ ٿئي پر ليپس ٿيڻ کان بچائي سگهجي